سپريم ڪورٽ اين اي 91 سرگوڌا ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ واري حڪم خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اين اي 91 سرگوڌا ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ واري حڪم خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت مخالف ڌر جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري استدعا به رد ڪئي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اين اي 91 سرگوڌا ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ واري حڪم خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس عظمت سعيد پڇا ڪئي ته تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ٿي وئي آهي، جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٻيهر ڳڻپ وارو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، وڪيل چيو ته پولنگ بيگز جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو  آهي.

مخالف ڌر جي وڪيل چيو ته تڪ ۾ ٻيهر پولنگ جي نتيجن جو اعلان ٿي چڪو آهي.

عدالت ٻيهر ڳڻپ واري عمل خلاف منع نامو جاري ڪرڻ واري استعدا رد ڪري ڇڏي.

عدالت ذوالفقار ڀٽي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي استدعا به رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*