سڄو ملڪ ڀارتي جنون کي جواب ڏيڻ لاءِ متحد ٿئي، اسپيڪر اسد قيصر

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي، اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄو ملڪ ڀارتي جنون کي جواب ڏيڻ لاءِ متحد ٿئي، پارليامينٽ مان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ميڊيا بحران جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پي آر اي پنهنجون لکت ۾ تجويزون پيش ڪري.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ صدر ڪنويئنر پي آر اي طاهر خليل، صدر قربان بلوچ، سيڪريٽري جنرل بهزاد سليمي موجود هئا. سيڪريٽري نيشنل پريس ڪلب انور رضا ۽ سينيئر صحافي به موجود هئا.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته قوم ڀارت جي جنگي جنون خلاف متحد ٿي جواب ڏي، پارليامينٽ مان به ڀارت کي گڏيل طور جواب ڏنو ويندو.

اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ڀارتي جنگي جنون تي اڄ بحث ڪرايو ويندو، ڀارت خلاف گڏيل ٺهراءُ به منظور ڪرايو ويندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڀارت جي جنگي جنون جي معاملي تي سينيٽ چيئرمين، اپوزيشن ليڊر راجا ظفرالحق سميت ٻين اڳواڻن سان ڳالهيون ٿيون، پرڏيهي وزير سان به ڳالهه ٿي آ هي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ميڊيا بحران جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پي آر اي پنهنجون لکت ۾ تجويزون پيش ڪري، وزيراعظمس ان ان معاملي تي ڳالهائندس، ميڊيا جي مسئلن جي حوالي سان خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ تي غور ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*