ڀارت حملو ڪيو ته اهڙو ڀرپور جواب ڏينداسين جو انهن جون ايندڙ نسلون به ياد رکنديون، فياض الحسن چوهاڻ

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته ڀارت حملو ڪيو ته اهڙو ڀرپور جواب ڏينداسين جو انهن جون ايندڙ نسلون ان کي ياد رکنديون، اسان نوازشريف جو علاج ڪرائڻ چاهيون ٿا پر هو پنهنجي لنڊن واري فليٽس ڏانهن وڃڻ چاهي ٿو.

لاهور ۾ ميڊيا سان  ڳالهائندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته اسان نوازشريف جو علاج ڪرائڻ چاهيون ٿا پر هو پنهنجي لنڊن واري فليٽس ڏانهن وڃڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته، نوازشريف جتي چاهي سندس اتي علاج ڪرائينداسين احتساب جو ڪدو ڪٽيو ويو ته سڀني ۾ ورهايو ويندو.

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير  چيو ته، ملڪ جو نالو ايئن لٽيو ويو، جنهن جو مثال نه ٿو ملي، جنهن کي ٻڌائندي به شرم اچي ٿو.

ڀارتي ڌميڪن بابت ڳالهائيندي پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڀارت حملو ڪيو ته اهڙو ڀرپور جواب ڏينداسين جو انهن جون ايندڙ نسلون ان کي ياد رکنديون.

فياض الحسن چوهاڻ  چيو ته بي جي پي پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي، ڀارت ڪنهن به دهشتگردي جو الزام پاڪستان تي لڳائي ڇڏيندو آهي.

هن چيو ته، وزيراعظم عمران خان ڀارت کي چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ثبوت آهن ته پيش ڪيو، ڪارروائي ڪنداسين.

صوبائي وزير چيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگردي وارن واقعن ۾ ڀارت پاڻ ملوث آهي، ڀارتي وزيراعظم چونڊن ۾ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرامو ڪري رهيو آهي.

فياض الحسن چوهاڻ  چيو ته، وزيراعظم عمران خان بهادر ليڊر جي حيثيت سان بيان ڏنو آهي، سمجهوتا ايڪسپريس تي حملي ۾ ڀارتي ماڻهو ملوث هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*