دادو ۾رهواسين جوهي پوليس ۽ بااثر جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

دادو ۾رهواسين جوهي پوليس ۽ بااثر جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ مبارڪ لنڊ جي  رهواسين اصغر علي ۽ احمد لنڊ الزام لڳائيندي چيو ته جوهي پوليس رمضان لنڊ خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته رمضان لنڊ تازو ڪيس ۾ ٽن مهينن تائين جيل ڪاٽي ضمانت تي آزاد ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ جوهي پوليس ٻيهر سندس خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي.

 احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوهي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري رمضان لنڊکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*