اڳوڻي صدر آصف زرداري آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي

اڳوڻي صدر آصف زرداري آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي، ڀارت جارحيت ڪئي ته اسان فوج سان گڏ بيٺل  رهنداسين.

اسلام آباد ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نيب جو مقابلو ڪنداسين، گرفتارين سان اسان جو گهيرو تنگ نه ٿيندو، جيل اسان جو ٻيو گهر آهي.

هن چيو ته اڄ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايئن هر دور ۾ ٿيندو رهندو آهي، هميشه پنهنجن ئي اسان سان دوکو ڪيو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ ججن جي پگهار ۾ 3 کان 4 سيڪڙو وڌائي، سٺن وڪيلن ۽ ججن کي عدالتي شعبي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته اسپيڪر کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته جيڪڏهن مون کي جيل وڃڻو پوي ته سڀني کي خبر آهي ته اهو شروع کان ئي منهنجو گهر آهي، ڪو مسئلو ۽ ڏک ناهي.

آصف علي زرداري چيو ته بلاول منهنجو ۽ پنهنجي ماءُ جو پٽ آهي، ان کي ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، ڊڄاريو انهن کي جن ڪجهه نه ڏٺو آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته هن وقت هنگامي حالتون آهن ۽ معاملو نهايت اهم موڙ تي پهچي ويو آهي، اسان پنهنجي دور ۾ ممبئي حملن کانپوءِ صورتحال کي سفارتي سطح تي حل ڪيو.

هن چيو ته هن وقت نالابالغ حڪوت کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل سياست نه ٿو سمجهي، تنهن ڪري مسئلو وڌي رهيو آهي.

آصف زرداري چيو ته قوم کي پڪ ڏياريان ٿو ته ڀارت اڳرائي ڪئي ته سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ هوندي.

اڳوڻي صدر چيو ته پ پ پنهنجي فوجي ڀائرن سان گڏ هوندي ۽ ڄمي ڀارت جو مقابلو ڪنداسين.

اڳوڻي صدر آصف زرداري آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته، آغا سراج جي اسلام آباد مان گرفتار سان سنڌ ۾ ناڪاري تاثر ويندو.

آصف علي زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو، حڪومت کي وڌيڪ وقت نٿا ڏئي سگهون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*