نيب جي اجلاس ۾ حاجين جي خدمت ڪندڙ معاون لاءِ قرعه اندازي ڪئي وئي

نيب جي اجلاس ۾ حاجين جي خدمت ڪندڙ معاون لاءِ قرعه اندازي ڪئي وئي، نيب چيئرمين چيو ته نيب جا آفيسر ۽ اهلڪار ڪافي تعداد ۾ هئا پر قرعه اندازي ذريعي اوهان چونڊيا ويا آهيون، الله تعاليٰ ڪندو ته اوهان ان مقدس سرزمين تي پياري رسول صه جا مهمان هوندا.

نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيب جا سينيئر آفيسر ۽ علائقائي نمائندن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال مذهبي معاملن واري وزارت جي پاليسي جي تحت حاجين جي خدمت ڪندڙن جي نيب طرفان قرعه اندازي ڪئي وئي.

قرعه اندازي ۾ گريڊ 17 جي 29 آفيسرن مان گل انور اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب راولپنڊي بطور پرنسپل خدام الحجاج، معاون ۽ امتياز احمد رڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سکر متبادل اميدوار طور چونڊيو ويو.

آفيشلز گريڊ 7 مان 16 تائين 162 آفيشلز مان پرنسپل طور حاجين جي خدمت ڪندڙ ۽ معاون، ياسر امتياز عباسي يو ڊي سي نيب راولپنڊي ۽ متبادل اميدوار مدثر اقبال اسسٽنٽ پرائيوٽ سيڪريٽري نيب هيڊڪوارٽرز اسلام آباد قرعه اندازي ذريعي چونڊيا ويا.

ان موقعي تي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال قرعه اندازي ذريعي چونڊيل آفيسرن کي واڌايو ڏيندي چيو ته نيب جا آفيسر ۽ اهلڪار ڪافي تعداد ۾ هئا پر قرعه اندازي ذريعي اوهان چونڊيا ويا آهيون، الله تعاليٰ ڪندو ته اوهان ان مقدس سرزمين تي پياري رسول صه جا مهمان هوندا.

نيب چيئرمين چيو ته اوهان تي لازمي آهي ته اوهان نه رڳو نيب جا سفير پر پاڪستان جا سفير بڻجي پنهنجي بهترين صلاحتن جو مظاهرو ڪندي حاجي سڳورن جي صحيحي معنيٰ ۾ خدمت ڪيو.. …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*