افغان صدر اشرف غني پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو

افغان صدر اشرف غني ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي، دوري دوران هـُو صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪري علائقائي ۽ سرحدي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو.

وزيراعظم نواز شريف جي دعوت تي افغان صدر اشرف غني 30 رڪني وفد سان گڏ اسلام آباد پهتو، جتي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز سندس آجيان ڪئي.

دوري دوران افغان صدر اشرف غني، پاڪستان هم منصب ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف سميت سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

ملاقات دوران سرحدي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون، جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ اهم معاهدن تي صحيحن جو پڻ امڪان آهي.

وزيراعظم نواز شريف، افغان صدر جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*