بلوچستان ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري، تيز برسات سبب نديون نالا اٿلي پوڻ سبب 4 ڄڻا گم ٿي ويا

بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، تيز برسات سبب نديون نالا اٿلي پوڻ سبب 4 ڄڻا گم ٿي ويا ۽ ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، مڪران، قلات ۽ لسٻيلا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڊي سي لسٻيلا چيو آهي ته تازي برساتن سبب صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي.

ڪوئيٽا، چمن، زيارت، خضدار، مڪران ۽ بلوچستان جي ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.

تيز برساتن بعد ٻوڏ واري صورتحال سبب نديون نالا اٿلي پيا آهن، جڏهن ته مڪران، قلات ۽ لسٻيلا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪوئيٽا، چمن، زيارت، خضدار، مڪران ۽ ٻين شهرن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. خضدار ۾ سڀ کان وڌيڪ 41 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

برسات سبب نالا اٿلي پوڻ سبب مڪران ۽ لسٻيلا ضلعي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جتي ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل آهن، جڏهن ته امدادي ٽيمون به امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن.

چمن ۾ برسات کانپوءِ نديون نالا اٿلي پوڻ سبب ٻوڏ واري صورحال آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي وهڪري سبب روڊ رستن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ ٽريفڪ رواني متاثر ٿي آهي.

قلعا عبدلله، دولت آباد، روغاني، شيلا باغ ۾ برسات ٿي، جنهن سبب ماڻهن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ پيو.

چمن جي ضلعي انتطاميا موجب، مختلف علائقن ۾ برف هٽائڻ جو ڪم جاري آهي، برسات سبب 40 گهرن کي نقصان ٿيو آهي.

ٻئي طرف اوٿل ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب 4 ڄڻا گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻن ڄڻن جا لاش برساتي وهڪري مان هٿ ڪيا ويا، جن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ سليمان خاصخيلي طور ٿي.

ڊي سي لسٻيلا موجب، برسات بعد صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، برساتن سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. ڊي سي لسٻيلا شبير مينگل چيو ته تازو برساتن ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو آهي.

موسميات کاتي موجب، گوادر ۾ 13، زوب ۾ 12، جيواني ۾ 4، پنجگور ۾ هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب، لسٻيلي ۾ 28، سبي ۾ 21، تربت ۾ 18، قلات ۾ 15، خضدار ۾ 41 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ٻڙي، دالبندين ۾ 3، زوب ۽ خضدار ۾ هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته زيارت ۾ پارو ڪاٽو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ذريعن موجب، حب ڊيم ۾ رات کان وٺي برسات سبب پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿي رهي آهي. حب ڊيم  ۾ ٻه فٽ اضافي بعد ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي وئي هئي.

واپڊا ذريعن موجب، اڄ حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 285 فٽ آهي، جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي جي آمد جو سلسلو جاري آهي. تازي برساتن سبب حب ڊيم ۾ 2 فوٽ پاڻي آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*