پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وقفي وقفي سان برسات، گليات ۾ برفباري سبب روڊ رستا بند

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ جابلو علائقن ۾برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، گليات ۾ برفباري سبب روڊ رستا بند آهي، لواري ٽنل کي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، انتظاميا پاران سياحن کي گليات نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انتظاميا موجب، برفاني ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي. نٿياگلي، ايوبيا، ڇانگلا گلي ۾ وڌيڪ هڪ فوٽ برف پئي آهي.

چترال، اوڪاڙا، چڪوال، ايبٽ آباد ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻين علائقن به برسات ۽ برفباري جو سلسلو وقفي سان جاري آهي. جنهن تي ٿڌ جي شد ۾ و اچي وئي آهي.

گليات جي مختلف علائقن ۾ گذريل شام کان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته نٿياگلي، ايوبيا، ڇانگلا گلي ۾ وڌيڪ هڪ فوٽ برف پئي آهي، جنهن سبب گليان جو ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

برفباري سبب لواري ٽنل ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جنهن سبب ماڻهن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

گليات ڊولپمنٽ اٿارٽي چيو آهي ته گليات ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، سياح گليات وڃن کان پاسو ڪن.

مانسهره ۾ به برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، برفباري سبب شاهراهه ڪاغان راجوال کان اڳتي هڪ مهيني کان بند آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ بجلي ۽ ٽيلفون جو نظام به متاثر ٿيو آهي.

برفباري سبب وادي ڪاغان، سرن، ڪونش، تور، غراوار الائي ۾ ڪيترائي روڊ رستا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته ناران ۾ هن وقت تائين چار فٽ ۽ شوگران ۾ ڏيڍ فٽ برسات ٿي آهي.

ٻئي طرف لاهور، وهاڙي، گوجراوالا، جلال پور ڀٽيان ، ڪماليا ۽ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ اچي وئي آهي.

گوجرانوالا ۾ سيٽلائيٽ ٽائون، سول لائن، گل روڊ، جناح روڊ تي تيز برسات کانپوءِ پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب ماڻهن کي ڏکائي منهن ڏيڻو پيو.

وهاڙي ۾ برسات کانپوءِ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جڏهن هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.

آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به برسات ۽ برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

مظفر آباد ، وادي ليپا، سرگن، جاگران ويلي ۾ برفباري کانپوءِ روڊ رستا بند ٿيا ويا آه، جڏهن ته نيلم هٽيان ۽ ٻاغ ۾ ٿڌ جي شدت  ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب، فيصل آباد  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 34 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته شهر جو گرمي پد 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب، رسالپور، ڪالام ۽ مالم جبا ۾ 8، 8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪاڪلو ۾ 6 ۽ چترال ۾ 5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب،  ڊي آءِ خان، ڪوهاٽ، پٽن، سيدو شريف ۾ 4، 4، ميل ميٽر، پاراچنار ۾ 28، بنون ۾ 24، چراٽ ۾ 13 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*