نيب سنڌ اسيمبلي جي گرفتار ڪيل اسپيڪر آغا سراج دراني کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رهي آهي

نيب سنڌ اسيمبلي جي گرفتار ڪيل اسپيڪر آغا سراج دراني کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ عدالت ٻاهران پهتل آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

نيب گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اسلام آباد مان گرفتار ڪيل اسپيڪر اغا سراج دراني کي ڪجهه دير ۾ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي پيشي کان اڳ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ احتساب عدالت ٻاهران پهتل آهن.

اسپيڪر آغا سراج دراني جي عدالت ۾ پيشي جي سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.

آغا سراج دراني کي نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي نئين بلڊنگ جي تعمير بابت جار ي ڪيل فنڊز ۾ گهوٻين جي الزام هيٺ ڪالهه اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو.

نيب آغا سراج دراني کي اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ به حاصل ڪيو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*