سپريم ڪورٽ پاڪ ترڪ اسڪول طرفان داخل نظرثاني ڪيس ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

، جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته درخواست ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ بابت ڪو مناسب سبب نه لکيو ويو آهي، جڏهن سردار اعجاز صاحب ايندو، تڏهن ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پاڪ ترڪ اسڪول طرفان نظرثاني ڪيس ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، پاڪ ترڪ جو وڪيل بابر ستار پيش ٿيو.

وڪيل بابر ستار عدالت ۾ نظرثاني ڪيس ۾ وڪيل جي تبديلي واري درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پهرين وڪيل وقت نه هئڻ سبب تيار نه ڪري سگهيو، هاءِ ڪورٽ ۾ به هي ڪيس مو ڪيو هو.

جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهريون وڪيل نالائق هو، اهو ڪو به دليل نه آهي، اوهان جي ڪري قانون تبديل نه ٿا ڪري سگهون.

وڪيل بابر ستر چيو ته 13 ڊسمبر تي ڪيس ٻڌو ئي نه ويو هو، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته هاڻ اوهان وري بينچ تي الزام لڳائي رهيا آهيوون.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته جڏهن سردار اعجاز صاحب ايندو، پوءِ ان کي ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي.

عدالت پاڪ ترڪ اسڪول طرفان داخل نظرثاني ڪيس ۾ وڪيل تبديلي جي درخواست رد ڪندي چيو ته درخواست ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ بابت ڪو مناسب سبب نه لکيو ويو آهي.

واضح رهي ته پاڪ ترڪ اسڪول طرفان پهريون وڪيل سردار اعجاز اسحاق پيش ٿيو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*