سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض جي غير مشروط معافي قبول ڪندي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض جي غير مشروط معافي قبول ڪندي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي گهرائڻ تي اچڻ ڪو احسان ناهي، الزام ارسلان افتخار تي لڳو، سڊل ڪميشن ۾ ڪو پيش نه ٿيو، هن ڪيس جي سموري ڪارروائي دوران ملڪ رياض چوندو رهيو ته هو چيف جسٽس ۽ عدليه جو احترام ڪري ٿو، ملڪ رياض گذريل 7 سالن ۾ عدليه جي ڪا توهين ناهي ڪئي، ثابت ٿي ويو آهي ته سندس معافي نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي، عدالت معافي مان مطمئن آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ ڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ ارسلان افتخار ۽ ملڪ رياض وچ ۾ بزنس ڊيل واري معاملي ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،

ملڪ رياض جي وڪيل ڊاڪٽر باسط موقف اختيار ڪيو ته توهين عدالت جي حوالي سان لکت ۾ معافي نامون جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، معافي نامي جي  متن موجب عدليا جي خلاف پريس ڪانفرس تي معذرت ڪيان ٿو ۽ دل سان عدالت کان معافي وٺان ٿو.

معافي نامي جي متن موجب، آئون پنهنجو علاج روڪي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهيان، پنهنجي کنيل قدم تي ڪو به جواز پيش نه ٿو ڪرڻ چاهيان.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي اوهان جو ٻيو معافي نامو آهي ۽ پهرين معافي نامي جو به ساڳيو ئي متن هو، هن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي، پر ان باوجود ڪا به شاهدي رڪارڊ نه ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس چيو ته هن معاملي تي ٺاهيل ڪميشن آڏو ڪا به شاهدي نه آندي وئي آهي ۽ ارسلان افتخار گذريل ٻڌڻي تي پنهنجي درخواست  واپس وٺي ڇڏي هئي.

جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته گذريل ستن سالن کان هي ڪيس هلي رهيو آهي، ملڪ رياض پريس ڪانفرنس ۾ هڪ جملو قابل اعتراض هو، پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته هي آزاد نه پر يرغمال عدليا آهي ۽ ان کي هڪ ڊان هلائي رهيو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي گهرائڻ تي اچڻ ڪو احسان ناهي، الزام ارسلان افتخار تي لڳو، سڊل ڪميشن ۾ ڪو پيش نه ٿيو، نه ئي ڪا شاهدي پيش ڪئي وئي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته معافي ته گهري وئي پر ڇا عدليا تي لڳايل الزام به واپس ورتا ويا آهن؟ عدليا جي باري ۾ چيو ويو ته ڊان هلائي رهيو آهي.

ملڪ رياض جي وڪيل ڊاڪٽر باسط چيو ته اسان پنهنجي غلطي جي معافي گهري آهي، جڏهن ته ملڪ رياض لڳايل الزام واپس ورتا آهن، هو پنهنجي سرجري ڇڏي ايندو آهي. هن سڄي ڪيس ۾ ملڪ رياض چوندو رهيو ته چيف جسٽس ۽ عدليا جو هو احترام ڪري ٿو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جڏهن گهرائي ته اچڻ ڪو احسان نه آهي، الزام ارسلان افتخار تي لڳا، جڏهن ته سڊل ڪميشن ۾ ڪو به پيش نه ٿيو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ رياض گذريل 7 سالن ۾ عدليه جي ڪا توهين ناهي ڪئي، ثابت ٿي ويو آهي ته سندس معافي نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي، ملڪ رياض ارسلان افتخار تي لڳايل سمورا الزام به واپس وٺي ڇڏيا آهن. توهين عدالت جو ذميوار شخص ڪنهن به مرحلي ۾ معافي وٺي سگهي ٿو.

عدالت چيو ته ملڪ رياض جي نيت تي شڪ جو ڪو ڪارڻ ناهي، عدالت معافي مان مطمئن آهي.

عدالت ملڪ رياض خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪندي ملڪ رياض کي توهين عدالت ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، عدالت ملڪ رياض جي غير مشروط معافي به قبول ڪري ورتي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*