دادو مان اغوا ڄاڻايل عورت کي ڪراچي پوليس شيرشاهه واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي بازياب ڪرائي ورتو آهي

دادو مان اغوا ڄاڻايل عورت کي ڪراچي پوليس شيرشاهه واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي بازياب ڪرائي ورتو آهي..

ڪراچي جي علائقي شير شاھ ڪالوني ۾ بي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري مهينو اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل دادو واسڻ ريشما کي بازياب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار غلام نبي قمبراڻي کي به گرفتار ڪري ورتو.

پوليس ذريعن موجب دادو شهر جي تاج ڪالوني مان مهينو اڳ ريشمان زال  رشيد ڏاوچ اغوا ٿي وئي هئي، جنهن کي سڀاڻي دادو جي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*