سلامتي ڪائونسل الزامن هئڻ واري ڀارتي پاليسي کي رد ڪري ڇڏيو

سلامتي ڪائونسل الزامن هئڻ واري ڀارتي پاليسي کي رد ڪري ڇڏيو، ڀارت جي پلواما حملي ۾ سلامتي ڪائونسل جي مذمتي بيان ۾ پاڪستان جو نالو شامل ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي آهي.

ڀارتي سرڪار پلواما حملي کان پوءِ مسلسل پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي، جيڪو سلسلو  رڪجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته 7 ڏينهن بعد سلامتي ڪائونسل جو مذمتي بيان جاري ڪيو ويو آهي.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ به پاڪستان کي ڀارت خلاف ڪاميابي ملي آهي، ڀارتي سازشن باوجود سيڪيورٽي ڪائونسل جي بيان ۾ پاڪستان جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

پلواما معاملي تي ڀارت کي عالمي سطح تي ناڪامي ملي آهي، نئين دهلي ۾ مختلف ملڪن کي بريفنگ به ڏني وئي، پر ان مان به ڀارت کي ڪجهه نه وريو.

سلامتي ڪائونسل به پلواما واقعي جي اوٽ ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي پروپيگنڊا مهم ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.

پلواما حملي کانپوءِ پاڪستان به مختلف ملڪن جي سفيرن کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*