قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، گهرو وزارت موجب، نيب جي سفارش ۽  وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو  ويو آهي.

نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.

نيب جي سفارش تي گهرو وزارت ۽ ڪابينا جي منظوري بعد شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، هاڻ هو علاج پرڏيهه وڃي نه سگهندو.

واضح رهي ته شهباز شريف آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ هو، جنهن دوران سندس ضمانت منظور ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*