سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت پاڪستان جي حصي جو پاڻي نه ٿو روڪي سگهي، فيصل واوڊا

پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته پاڻي روڪڻ واري ڀارتي ڌمڪي ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ ناڪامي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، بهادر پاڪستاني فوج ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيندي، ڀارت جو جنگي جنون ڀارت کي ڪو به فائدو نه ڏيندو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پاڻي روڪڻ واري ڀارتي ڌمڪي ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ ناڪامي تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

هن چيو ته، سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت پاڪستان جي حصي جو پاڻي نه ٿو روڪي سگهي، ڀارت ٻڌي وٺي ته هي نئون پاڪستان آهي.

پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير چيو ته، ڀارتي حڪومت ٿيندڙ پنهنجي اليڪشن سبب پاڪستان تي الزام لڳائي رهي آهي.

فيصل واوڊا چيو ته، پاڻي روڪڻ واري ڌمڪي کل جوڳي ۽ فضول ڳالهه آهي.

پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير چيو ته، ڀارت جنگ جي نتيجن کان به باخبر رهي.

فيصل واوڊا چيو ته، بهادر پاڪستاني فوج ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيندي، ڀارت جو جنگي جنون کيس ڪو به فائدو نه ڏيندو.

واضح رهي ته ڀارت جي آبي وسيلن واري وزير نتن گاڊڪُري چيو هو وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ اسان جي حڪومت فيصلو ڪيوآ هي ته جيڪو اسان جي حصي جو پاڻي آهي، انهن کي روڪيو ويندو.

نتن گاڊڪُري موجب، ڀارت جي اوڀر وارن درياهن جو پاڻي روڪي ڪشمير ۽ ڀارتي پنجاب کي  ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*