ڪراچي جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ خراب کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ڪراچي جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ خراب کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙن جي ماءُ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ڪراڇي جي صدر واري علائقي ۾ قصرِ ناز ريسٽورنٽ ۾ ماني کائيندڙ ڪٽنب جا 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن ماءُ بينا کي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب متاثر ڪٽنب پراڻي سبزي منڊي جا رهواسي آهن، جن جو تعلق ڪوئيٽا سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*