وفاقي ڪابينا جي سمري ملڻ بعد شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، گهرو وزارات

گهرو وزارات جي ذريعن چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي سمري ملڻ بعد مسلم ليگ ن ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

گهرو وزارت جي ذريعن وجب، اميد آهي ته ڪنهن به وقت ڪابينا جي سمري اسان کي ملي ويندي، جنهن بعد شبهاز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، 19 فيبروري تي گهرو وزارت جي هدايت تي شهباز شريف جو نالو آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري الزام تي پي آءِ اين ايل يعني عبوري قومي سڃاڻپ فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن بعد  هو 30 ڏينهن تائين پرڏيهه وڃي نه ٿو سگهي.

ذريعنموجب، شهباز شريف جو نالو اي سي اي ۾ شامل ڪرڻ تائين عبوري قومي سڃاڻپ فهرست ۾ شامل رهندو، ان کان اڳ نيب 15 فيبروري تي شبهاز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ  جي سفارش ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*