حڪومت گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو واڌ ڪري رهي آهي، راڻا ثناءُ الله

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو واڌ ڪري رهي آهي، حڪومت پنهنجي بي وقوفي سان سي پي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، بابر اعواڻ تي 10 ارب رپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي پر کيس گرفتار ناهي ڪيو ويو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت کي عوام جي ڪا به سمجهه نه آهي.

هن چيو ته، حڪومت گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو واڌ ڪري رهي آهي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ  چيو ته، حڪومت پنهنجي بي وقوفي سان سي پي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، پهرين ڏينهن ئي هڪ وزير چيو هو ته سي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته، اپوزيشن جو خيال هو ته حڪومت کي ڪجهه وقت ڏنو، انهن جو ساٿ ڏنو وڃي.

هن چيو ته، اپوزيشن قيادت سمجهي ٿي ته ايترو جلدي  ٻيهر اليڪشن نه ٿي سگهندي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ  چيو ته، بابر اعواڻ تي 10 ارب رپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي پر کيس گرفتار ناهي ڪيو ويو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته، آصف علي زرداري تي به جيڪي الزام آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*