ڀارت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هتان به ڀرپور جواب وڃڻ گهرجي ها، مراد سعيد

وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ڀارت ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هتان به ڀرپور جواب وڃڻ گهرجي ها، نوازشريف جو بيان پاڪستان مخالف انداز ۾ ڀارت ۾ هلايو ويندو آهي، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ هاڻ غدار طور ظاهر ٿي رهيو آهي، اسيمبلي ۾ تماشو بند ڪيو وڃي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٿيو، مراد سعيد کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ تي اپوزيشن گوڙ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس جو گيهراءُ ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عجيب تماشو آهي،  چيو پيو وڃي ته شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻايو وڃي.

هن چيو ته، عجيب تماشو آهي، چيو پيو وڃي ته شبهاز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.

وفاقي وزير چيو ته شاهد خاقان عاسي صاحب، اوهان جڏهن وزيرهئا ته ان وقت اوهان ڏيڍ سئو ارب جو خسارو ڪرايو هو.

اپوزيشن جي احتجاج تي مراد سعيد چيو ته اسپيڪر صاحب اپوزيشن روز اهڙو تماشو ڪندي آهي، هاڻ اهو تماشو بند ٿيڻ گهرجي، اپوزيشن فهميده مرزا کي به ڳالهائڻ نه ڏنو.

وفاقي وزير چيو ته نوازشريف جو بيان پاڪستان مخالف انداز ۾ ڀارت ۾ هلايو ويندو آهي، ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيرعظم رهندڙ هاڻ غدار طور نظر اچي رهيو آهي.

مراد سعيد چيو ته ڀارت پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،  هتان به پيغام وڃڻ گهرجي ها ته ڀارت جنگ ڇيڙي ته ان جي پڄاڻي اسان ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*