ڪنب ۾ پورهيت جي گهر کي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ نينگر سڙي فوت، گهر سامان سميت رک ٿي ويو

ڪنب ۾ ميڻ بتي مان پورهيت جي گهر کي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو نينگر سڙي فوت ۽ گهر سامان سميت رک ٿي ويو.

ڳوٺ ٻٻر وڏا ۾پورهيت تمن اوڏ جي گهر کي ميڻ بتي مان اوچتو باهه وڪوڙي وئي.

باهه لڳڻ سبب پورهيت جو پٽ 10 ورهين جو وجي اوڏ سڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته گهر سامان سميت سڙي رک ٿي ويو.

شهرين موقعي تي پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تحت باهه تي ضابطو آڻي ٻين گهرن کي بچائي ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*