سکر جي عدالت 20 ڪيسن ۾ نامزد جوابدارکي بيڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو

سکر جي عدالت 20 ڪيسن ۾ نامزد جوابدارکي بيڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف گھوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي سنگين ڏوهن جا 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، مٿس 5 لک رپيا انعام به رکيل هو.

جوابدار لياقت عرف گلو بوزدار خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج حدود غلام قادر تنيو جي عدالت ۾ ٿي، جوابدارکي سکر جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گهوٽڪي پوليس ڊيل تحت جوابدار کي گرفتار ڪري رقم حاصل ڪئي، هو ڏوهاري نه، پر شريف ماڻهوآهي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پوليس هر ڏوھ جو ڪيس جوابدار لياقت عرف گلو بوزدار خلاف داخل ڪندي رهي،سمورا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار لياقت عرف گلو بوزدار کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار لياقت عرف گلو مٿان گھوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي 20 کان وڌيڪ سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*