آغا سراج دراني جي گرفتاري تي ڪا  مک به نه اُڏري سگهي آهي، شيخ رشيد

 

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف کان سواءِ  ٻي ڪنهن به ڊيل نه ڪئي آهي، آصف زرداري جو تحريڪ هلائڻ وارو فيوز اڏامي ويو آهي، آغا سراج دراني جي گرفتاري تي ڪا  مک به نه اُڏري سگهي آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته نواز شريف اقتدار تان لهندي ئي بيمار ٿي پوندو آهي، نواز شريف کي کليل فضا گهرجي، لال حويلي جي ڇت خالي آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته مودي 70 سيڪڙو جنگ جا چانس پيدا ڪيا،  ايل اين جي ڪيس ۾نيب 27 فيبروري تي گهرايو آهي، اخبار ذريعي خبر پئي ته نيب مون کي به گهرايو آهي.

ريلوي جي ڪارڪردگي بيان ڪندي شيخ رشيد چيو ته  ريلوي جي سموري زمين ڪمپيوٽرائزڊ ڪئي آهي، لاهور کان ڪراچي تائين جناح ايڪسپريس هلائي ويندي، جيڪا نان اسٽاپ هوندي، جناح کانپوءِ سرسيد ايڪسپريس هلائي ويندي.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد وڌيڪ فريٽ ۽ مسافر ٽرين هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ريلوي جي ترقي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*