ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي دراندازي جو ٽن هنڌ تي جواب ڏئي ڪري

ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي دراندازي جو ٽن هنڌ تي جواب ڏئي ڪري،ڀارتي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو،هن چيو ته ڀارتي جهازن کي پهريان ئي سيالڪوٽ وٽ ريڊار تي ڏٺو ويو هو.

ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 14 فيبروري کانپوءِ جڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته هو پيٽرولنگ ڪري رهيا هئا،ڪمبٽ ايئر پيٽرولنگ هر وقت فضا ۾ رهي ٿي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جي فارميشن چار کان پنج ناٽيڪل ميل اندر آئي، جنهن کي پاڪستان ايئر فورس چيلينج ڪيو، ڀارتي جهازن ويندي ويندي پي لوڊ ڊراپ ڪيو،انهن جا چار بم جبا واري هنڌ ڪريا.

هن جو چوڻ هو ته رات جو اسان  جو ڪمبٽ مشن قريب هو، جڏهن سيالڪوٽ ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي جهاز ريڊار تي آيا،اسان جي فورس انهن کي چيلينج ڪيو، پرهو ويجها نه آيا ۽ پنهنجن حدن ۾ رهيا.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته هڪ ڀارتي فارميشن اوڪاڙا بهاولپور سيڪٽر ۾ ريڊار تي نوٽ ڪيو، جيڪڏهن هو اسان جي ڪنهن به مليٽري پوزيشن تي اسٽرائيڪ ڪن ها ته ايئر فورس فائيٽ ٿئي ها.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن هو اسان جي مورچي تي حملو ڪن ها ته فوج ۽ ايئر فورس تيار هئا، جيڪڏهن فوج پوسٽ تي اسٽرائيڪ ٿئي ها ته يونيفارم اهلڪارن جي شهادت ٿئي ها،هنن جو مقصد سويلين کي نشانو بنائڻ هئو، ته جيئن هو دعوا ڪري سگهن ته انهن دهشتگرد ڪيمپن تي حملو ڪيو.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته هنن کي لائين آف ڪنٽرول طرف ايندي ۽ واپس ويندي چار منٽ لڳا، جيڪڏهن ايل او سي تي اسٽرائيڪ ڪن ها ته فضائيا جي فائٽ ٿئي ها، جيڪا نه ٿي.

هن واضح ڪيو ته ڀارتي جهازن کي ناڪامي کانپوءِ انهن ڪي پي ڀرسان بالا ڪوٽ تائين آيا .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*