سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند ڪئي وئي

سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گيس جي فراهمي سڀاڻي صبح جو اٺين وڳي بحال ڪئي ويندي.

سنڌ ۾ گيس جو بحران ختم نه ٿي سگهيو آهي، گذريل رات 12 وڳي کان صوبي جي سمورين سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي.

سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند هجڻ سبب عوام پريشان آهي، جڏهن ته روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ به گهٽ آهي.

سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي سڀاڻي صبح جو اٺين وڳي بحال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*