لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جو بئنڪ کي ڌاڙو هٿياربندن سان مزاحمت تي هڪ اهلڪار شهيد 4 زخمي

لاڙڪاڻو جي وليد روڊ تي نجي بئنڪ مان هٿياربند لکين رپين جو ڌاڙو هڻي ويا آهن، هٿياربندن سان مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻن محافظن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، جڏهن ته هٿياربند هڪ ڪلاشڪوف کڻي ويا آهن.

وليد روڊ تي نجي بئنڪ کي ڌاڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار جهنگل شر شهيد ٿيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ ٻن محافظن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بئنڪ جي ڪيشيئر بهاول چانڊيو موجب 8 کان وڌيڪ هٿياربند بئنڪ مان ليکن ريپا کڻي ويا، جڏهن ته مزاحمت تي مٿي ۾ ڪنڌام هڻي سخت زخمي ڪري وڌو.

پوليس مختلف علائقن ۾ ناڪابندي ڪري جوابدارن جي گرفتار لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته بئنڪ مان ڌڏاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائي، مزاحمت تي هٿياربند هڪ سرڪاري ڪلاشڪوف کڻي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب هٿياربند ڪي وي 836 گاڏي ۾ سوار هئا، جنهن جي پڪڙ لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*