جوهي ۽ ڪاڇي ۾ برسات ۽ نيون وهي اچڻ بعد اسڪولن جا رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب ٻارڙن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

جوهي ۽ ڪاڇي ۾ برسات ۽ نيون وهي اچڻ بعد اسڪولن جا رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب ٻارڙن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪاڇي واسي معصوم ٻارڙا روڊ رستن جون سهولتون نه هجڻ ڪري برساتي پاڻي ۽ گپ مان گذري اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن.

 ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن عُمر بوزدار، سجاول آلکاڻي، خان بوزدار سميت 10 کان وڌيڪ اسڪولن جا معصوم شاگرد سخت تڪليف سان اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن.

ڪاڇي واسين موجب چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب اهي انتهائي پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڪاڇي ۾ روڊ رستا تعمير ڪرائي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*