سکر ۾ پراسرار نموني عورت ٻن ٻارڙن سميت گم ٿي وئي آهي

سکر ۾ پراسرار نموني عورت ٻن ٻارڙن سميت گم ٿي وئي آهي، جن جي ڳولا باوجود ڪوبه ڏس پتونه پئجي سگهيو.

بچل شاهه مياڻي ۾هفتو اڳ عورت گلستان ٻن ٻارڙن امتياز علي ۽ نينگري صائمه شيخ سميت پراسرار نموني گم ٿي وئي.

بچل شاهه مياڻي جي رهواسين ۽ چاچڙ برادري جي ماڻهن پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ممتاز چاچڙ، امام زادي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هفتو اڳ مسمات گلستان شيخ ٻن ٻارڙن سميت گم ٿي وئي آهي، ڳولها ڪري ٿڪجي پيا آهيون.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي عورت ۽ سندس ٻارڙن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*