ماتلي ۾ 4 چار ڏينهن اڳ مبينا طور اڪرم واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙناري جو لاش واهه مان هٿ اچي ويو آهي

ماتلي ۾ 4 چار ڏينهن اڳ مبينا طور اڪرم واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙناري جو لاش واهه مان هٿ اچي ويو آهي.

  علي ڪالوني واسڻ شادي شده ناري 22 ورھين جي تانيه شيدي جو لاش ماتلي ڀرسان  اڪرم واھ جي پل وٽان ھٿ ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنھن تي  پوليس ايڌي رضاڪارن سان گڏجي لاش واھ مان ڪڍرائي تعلقي اسپتال ماتلي پهچايو.

اسپتال ۾ لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*