ڪراچي جي مختلف تنظيمن جي عورتن 8 مارچ تي عورتن جي حقن لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي

ڪراچي جي مختلف تنظيمن جي عورتن 8 مارچ تي عورتن جي حقن لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناليواري ڊانسر شيما ڪرماني چيو آهي ته عورت کي نوڪري ڪرڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان رهڻ جو حق حاصل آهي، جيڪڏهن عورت مضبوط هوندي ته ملڪ،  قوم ۽ معيشت به مضبوط ٿيندي.

ڪراچي امپريس مارڪيٽ ۾ “اسان عورتون” جي عنوان هيٺ عورتن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نوڪري ڪندڙ ۽ پورهيت عورتن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عورتن شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ناليواري ڊانسر شيما ڪرماڻي ۽ ٻين عورتن چيو ته عورت بهادر ۽ مضبوط آهي جيڪا پنهنجا حق پاڻ وٺي سگهي ٿي.

هنن چيو ته تشدد ذريعي عورت کي هيسائي نه ٿو سگهجي اڄ جي عورت پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻي ٿي، جنهن لاءِ هن کي پاڻ ميدان تي لهڻو پوندو.

شيما ڪرماني عورتن جي ڏهاڙي 8 مارچ تي عورتن تي تشدد روڪڻ ۽ سندن حقن لاءِ ريلي ڪڍڻ جو اعلان پڻ ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*