سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

تنگواڻي ويجهو ڃاڄين جي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾45 ورهين جو مالهو مرهٽو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

دادو ويجهو ڳوٺ سامناڻي وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾هڪ نوجوان جيوڻ چوهاڻ فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو  سجاد علي زخمي ٿي پيو.

ميرپوربٺوري ويجهو سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ  جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو حيدر سوھو فوت ۽ عبدالرحيم سوھو سخت  زخمي ٿي پيو.

قمبر ۾تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو  موٽر سائيڪل سان ٽڪر  ٿيڻ جي نتيجي ۾ محبوب علي اهير فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي کانپوءِ پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*