سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي ڪوڙن شاهدن بابت ريمارڪس جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومون عظيم تڏهن ئي بڻجنديون آهن

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي ڪوڙن شاهدن بابت ريمارڪس جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومون عظيم تڏهن ئي بڻجنديون آهن، جڏهن سندن قدر عظيم هوندا آهن، مسلمان تهذيب جو بيناد مديني واري رياست هو، اهو بيناد به سچ تي رکيو ويو هو، سچ  جو سفر ئي نئين پاڪستان جو سفر آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي ڪوڙن شاهدن بابت ريمارڪس جي آجيان ڪئي آهي.

پنهنجي توئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته چيف جسٽس جو ڪوڙن شاهدن کي سزا بابت بيان واکاڻ جوڳو آهي.

هن چيو ته، قومون عظيم تڏهن ئي بڻجنديون آهن، جڏهن سندن قدر عظيم هوندا آهن.

وزيراعظم چيو ته مسلمان تهذيب جو بيناد مديني واري رياست هو،  جيڪو سچ تي رکيو ويو هو.

عمران خان چيو ته، ڪوڙي شاهدي ڏيندڙن کي سزا ڏيڻ بابت چيف جسٽس جو بيان سٺو سنوڻ آهي، جنهن جي آجيان ڪيون ٿا.

وزيراعظم عمران خان چيو ته سچ  جو سفر ئي نئين پاڪستان جو سفر آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*