ريلوي وارو وزير شيخ رشيد ٽن ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿي ويو آهي

ريلوي وارو وزير شيخ رشيد ٽن ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿي ويو آهي، هو ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪري کيس وزيراعظم جو پيغام ڏيندو.

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد ٽن ڏينهن جي دوري تي ايران روانو ٿي ويو آهي.

شيخ رشيد ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪري کيس وزيراعظم جو پيغام ڏيندو.

ذريعن موجب، شيخ رشد ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنا ئي سان به ملاقات ڪندو، جنهن دوران هو کيس پاڪستاني صدر جو به پيغام پهچائيندو.

شيخ رشيد کي قازوين-دشت ريلوي روٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*