پنجاب جي علائقي خانپور ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد  ٿي ويا

پنجاب جي علائقي خانپور ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد  ٿي ويا، پوليس موجب، پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڇاپو هڻڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته مقابلو ٿيو.

خانپور ۾ ظاهر پير ٿاڻي جي حد گُد پور ۾ هٿياربندن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شيداني شريف ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر ارشد چٺا ۽ هڪ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويا، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس موجب، اهلڪار ڪچي واري علائقي گدپور ۾  ڇاپو هڻڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته مقابلو ٿيو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*