اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف ڪارروائي ڪندي سعودي عرب ويندر مسافر جي سامان مان 15 سئو گرام آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف ڪارروائي ڪندي سعودي عرب ويندر مسافر جي سامان مان 15 سئو گرام آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي، اي ايس ايف عملدارن موجب، مسافر سيد اقبال آئس هيروئن بريڊ ۾ لڪائي هئي.

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف ڪارروائي ڪندي سعودي عرب ويندر مسافر جي سامان جي تلاشي ورتي، جنهن مان 15 سئو گرام آئس هيروئين هٿ آئي.

اي ايس ايف عملدارن موجب، مسافر سيد اقبال آئس هيروئن بريڊ ۾ لڪائي هئي، جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

اي ايس ايف عملدارن موجب، جوابدار صوابي جو رهواسي آهي، جيڪو اڏام ايڪس واءِ 316 ذريعي رياض وڃي رهيو هو.

حراست ۾ ورتل جوابدار کي اي ايس ايف عملدارن اي اين ايف حوالي ڪري ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*