ڪراچي ۾ پي ايس ايل فور جي ميچز لاءِ سڪيورٽي جا انتظام مڪمل، فليگ مارچ ڪيو ويو

ڪراچي ۾ پي ايس ايل فور جي ميچز لاءِ سڪيورٽي جا انتظام مڪمل، ايس ايس يو پاران شاهراهه فيصل تائين فليگ مارچ ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ چيو آهي ته پي ايس ايل جي سڪيورٽي لاءِ انتظام سخت ڪيا ويا آهن، شوقين ميچ شروع ٿيڻ کان 2 ڪلاڪ اڳ اسٽيڊيم پهچي وڃن.

ڪراچي پوليس پي ايس ايل فور جي ميچز دوران سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪياويا آهن.

 اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جي اهلڪارن ۽ ڪمانڊوز شاهراه فيصل تائين فليگ مارچ ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي ميچز دوران ايس ايس يو جا ڪمانڊوز ۽ اهلڪار سڪيورٽي جا فرض نڀائيندا.

ايڊيشنل آءِ جي  امير شيخ چيو آهي ته پي ايس ايل جي سڪيورٽي لاءِ 13 هزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا.

امير شيخ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ميچ شروع ٿيڻ کان 2 ڪلاڪ اڳ اسٽيڊيم پهچڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته ميچ واري ڏهاڙي شام 5 وڳي کانپوءِ اسٽيڊيم جا دروازا بند ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*