گهرو وزارت نيشنل ايڪشن پلان تحت هلندڙ ڪاررواين بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي

گهرو وزارت نيشنل ايڪشن پلان تحت هلندڙ ڪاررواين دوران گرفتارين ۽ مدرسن کي تحويل ۾ وٺڻ بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، پڌرائي موجب، هن وقت تائين 121 ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، صوبائي حڪومتن 182 مدرسن، 34 اسڪولن ۽ 5 ڪاليجز کي به تحويل ۾ ورتو آهي.

گهرو وزارت نيشنل ايڪشن پلان تحت هلندڙ ڪاررواين دوران گرفتارين ۽ مدرسن کي تحويل ۾ وٺڻ بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب، پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف آپريشن نيشنل ايڪشن پلان تحت جاري آهي.

پڌرائي موجب، گهرو وزارت صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادان سان رابطي ۾  آهي.

پڌرائي موجب، نيشنل ايڪشن پلان تحت هن وقت تائين 121 ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهيک

جاري ڪيل پڌرائي موجب، صوبائي حڪومتن 182 مدرسن، 34 اسڪولن ۽ 5 ڪاليجز کي به تحويل ۾ ورتو آهي.

پڌرائي موجب، صوبائي حڪومتن 163 ڊسپينسرين ، 184 ايمبولينسز ۽ 8 آفيسن کي تحويل ۾ ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*