خواجه آصف، پرويز رشيد ۽ راڻا ثناءُ الله ماڊل ٽائون سانحي جي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف، پرويز رشيد ۽ راڻا ثناءُ الله  ماڊل ٽائون سانحي جي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، شهباز شريف اڄ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيو، شهباز شريف طرفان سندس وڪيل جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي لکت ۾ بيان جمع ڪرايو.

گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو،  آءِ جي موٽر ويز اي ڊي خواجا اجلاس جي صدارت ڪئي.

جي آءِ ٽي پاران طلب ڪرڻ تي مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا آصف، پرويز رشيد ۽ راڻا ثناءُ الله بائيڪاٽ ختم ڪري جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيا.

خواجه آصف، پرويز رشيد ۽ راڻا ثناءُ الله پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته شهباز شريف اڄ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيو.

اپوزيشن ليڊر شهباز شريف طرفان سندس وڪيل جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي لکت ۾ بيان جمع ڪرايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*