تنگواڻي ۾ قبائلي تڪرارن جي اوٽ ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام خلاف ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي

تنگواڻي ۾ قبائلي تڪرارن جي اوٽ ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام خلاف ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ايس يو پي جي اڳواڻن رحمدل لاشاري، سليمان بکراڻي، حفيظ بهلڪاڻي ۽ ٻين ريلي ڪڍي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قبائلي تڪرارن جي اوٽ ۾بيگناهن جو رت وهايو ويندو آهي، جيڪو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

هنن چيو ته قبائلي تڪرارن کي هٿي ڏيڻ ۾بااثر سردارن جو وڏو ڪردار آهي، جن آڏو انتظاميا بي وس بڻيل آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي قبائلي تڪرارن ذريعي بيگناهن جي رت وهائڻ واري سلسلي کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*