ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته جعلي ڊگري تي برطرف ٿيل ملازمن جو معاملو حل نه ٿئي، مشاهدالله خان

سول ايوي ايشن عملدارن اسلام آباد جي هوائي اڏي جي اڏاوت ۾ مالي بيقاعدگين ۾ پنجن آفيسرن کي ڪرپشن جو ذميوار قرارڏئي ڇڏيو، مشاهدالله خان چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته جعلي ڊگري تي برطرف ٿيل ملازمن جو معاملو حل نه ٿئي.

اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ايوي ايشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مشاهد الله خان جي صدارت ۾ ٿيو.

سينيٽر بهرام خان چيو ته اسلام آباد هوائي اڏي جي اڏاوت ۾ بيقاعدگين تي 21 آفيسرن خلاف جاچ ڪئي وئي، انڪوائري ۾ پنجن آفيسرن کي ڪرپشن ۽ مالي بيقاعدگين جو ذميوار قرار ڏنو ويو،  اهڙن آفيسرن جي بدانتظامي سبب ايئرپورٽ جي لاڳت ۾ اضافو ٿيو.

 ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل شاهد نياز اسلام آباد ايئرپورٽ ۾ مالي ڪرپشن جي رپورٽ ٺاهي جنهن جي روشني ۾ ايف آءِ اي جي جاچ سونپي وئي.

ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث پنجن آفيسرن مان رڳو ٻن جواب ڏنو، رٽائرڊ ٿيڻ سبب جاچ بند ڪئي وئي، ذميوار آفيسر بيقاعدگين ۽ غفلت جا ذميوار آهن.

اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪرپشن الزامن تي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي کانسواءِ معاملو نبيرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد الله خان چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي، ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن جواب ڏنو ته ذميوار آفيسر هاڻي ڪنهن عهدي تي رهي نه ٿا سگهن.

مشاهد الله خان چيو ته اسان هتي ڇا لاءِ ويٺا آهيون، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جنهن تي سي اي اي عملدارن چيو ته ذميوار آفيسر هاڻ ڪنهن به عهدي تي رهي نه ٿا سگهن.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته اٽارني جنرل کي خط لکي معاملي کي ايوان ۾ اٿاريو ويندو.

مشاهد الله خان چيو ته جيڪڏهن فيصلو اٽارني جنرل کي ڪرڻو آهي ته پوءِ ڪمٽيون خرم ڪري ڇڏيون ٿا، اٽارني جنرل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي حڪم نه ٿو ڏئي سگهي.

مشاهدالله خان چيو ته اٽارني جنرل چئي ٿو ته پي آءِ اي جعلي ڊگري ڪيس تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، اٽارني جنرل موجب ڪميٽي جا کنيل قدم عدالتي فيصلن جي توهين آهن.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته جعلي ڊگري تي برطرف ٿيل ملازمن جو معاملو حل نه ٿئي،  جنهن تي ايئر مارشل ارشد ملڪ چيو ته 24 ڊسمبتر 2018 تي آرڊر ۾ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ۽ ان تحت ئي ڪارروائي ڪئي وئي.

مشاهدالله خان چيو ته سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري تي ججمنٽ ڏني آهي ڪو فيصلو ناهي ٻڌايو، جنهن تي سي اي او پي آءِ اي چيو ته سپريم ڪورٽ منع نامو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

مشاهد الله خان چيو ته ڏهن ڏينهن ۾ ڪيئن منع نامو ختم ٿي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ڪنهن به ماتحت عدالت جو اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو نه لکيو آهي.

اسٽينڊنگ ڪميٽي سول ايوي ايشن کان سمورو رڪارڊ طلب ڪندي مالي بيقاعدگين ۽ غفلت ڪندڙ فوجي آفيسرن خلاف ايف آءِ اي جي انڪوائري رپورٽ سميت سموريون جاچ رپورٽون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*