دادو جي عدالت  چرس وڪرو ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي انوکي سزا ٻڌائي ڇڏي

دادو جي عدالت  چرس وڪرو ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي انوکي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جي ٻڌايل فيصلي موجب جوابدار هڪ سال مسجد جي صفائي ڪندو ۽ ان سان گڏ 5 وقت نمازپڙھندو.

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمر آمڙو  کي سزا ٻڌائي.

عدالت جي فيصلي موجب جوابدار عمر آمڙو هڪ سال مسجد جي صفائي ڪندو ۽ 5 وقت نماز به پڙھندو.

عدالت جي فيصلي موجب جوابدار ڏاڙھي به رکندو۽ مسجد ۾ نخون ۽ تڏا وڇائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*