ڀارت جي جارحيت باوجود اسان صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جي جارحيت باوجود اسان صبر جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا. لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير جين ايزلبورن چيو آهي ته ه پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، پاڪستان جو افغانستان ۾ امن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي، جنهن دوران خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي جارحيت باوجود اسان صبر جو مظاهرو ڪيو، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا.

هن چيو ته لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ سمٽ سطح تي به ڳالهيون به ٿيون آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته، لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير کي خطي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي بابت کنيل قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيندي چيو ته اسان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي چاهيون ٿا.

لڪسبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ماضي جيان پاڪستان سان ايڪتا جو اظهارڪيو آهي، عاليم برادري به پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ملاقات دوران افغان مهاجرن جي معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

لڪسمبرگ جي وزير چيو ته افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن بابت ڳالهيون تمام جلد شروع ٿيڻ گهرجن.

لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته ڪير به نه ٿو چاهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ ٿئي، پاڪستان پاران پائلٽ کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو واکاڻ جوڳو  آهي.

لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سڄي دنيا کي ڳڻتي آهي.

لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته 2010 ۾ لڪسمبرگ  جي پاڪستان کي مالي امداد 6 ملين يورو تائين پهچي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*