افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ هڪ سياسي تقريب دوران ڌماڪن ۽ مارٽر حملن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ هڪ سياسي تقريب دوران ڌماڪن ۽ مارٽر حملن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، صدارتي اميداور عبدالطيف پيدرم سميت 19 ڄڻا زخمي ٿيا پيا، پاڪستان پاران حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ ڊسٽرڪٽ پويلس 13 واري علائقي ۾ هڪ سياسي تقريب دوران ڌماڪن ۽ مارٽر حملن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.

حملي ۾ صدارتي اميداور عبدالطيف پيدرم سميت 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڌماڪن بعد افغان سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن ڪيو.

پاڪستان پاران حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*