نئون ديرو ۾ شگر مل گيٽ آڏو ڪمند جي آبادگارن رهتن جي ادائگي لاءِ پنجين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو آهي

        نئون ديرو ۾ شگر مل گيٽ آڏو ڪمند جي آبادگارن رهتن جي ادائگي لاءِ پنجين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو آهي.

  آبادگار اڳواڻن علي گل ابڙو، لياقت علي ڪوري، محمد اسماعيل، اعجاز ڪرٽيو، غلام قادر شاهه ۽ ٻين سياسي توڙي سماجي ڌرين جي اڳواڻن احتجاج ڪيو.

 شگر مل جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ غلام حيدر ناريجو، ايوان زراعت ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ سراج راشدي، پي ٽي آءِ جي جاويد ڀٽو، پ پ شهيد ڀٽو جي علي اڪبر مڱريو به ٻڌيءَ طور شرڪت ڪئي.

اڳواڻن چيو ته شگر مل انتظاميا ڏانهن 14 ڪروڙ روپيه رهيل آهن، جيڪي گهرڻ تي شگر مل جا دروازا بند ڪري تذليل ڪئي پئي وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان معاملي جو نوٽيس وٺي رهتون ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*