پيرجوڳوٺ ويجهو بااثرن اسڪول تي مبينا قبضو ڪري شاگردن ۽ ماسترياڻين کي مارڪٽ ڪرڻ بعد ڪڍي ڇڏيو

 پيرجوڳوٺ ويجهو بااثرن اسڪول تي مبينا قبضو ڪري شاگردن ۽ ماسترياڻين کي مارڪٽ ڪرڻ بعد ڪڍي ڇڏيو، متاثرن بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي الخير ايلمينٽري اسڪول تي بااثرن مبينا طور قبضو ڪرڻ بعد اسڪول جي شاگردن ۽ سوين شاگردياڻين کي مارڪٽ ڪرڻ بعد ڪڍي ڇڏيو.

اهڙي واقعي بعد اسڪول جي ماسترياڻين سوين شاگردن سوڌو احتجاجي مظاهرو ڪري منگهواري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بااثر ڀائي خان ميتلو ساٿي وٺي سخت مارڪٽ ڪري اسڪول مان ڪڍي اسڪول تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

 ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي عاسيه بلوچ جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل بااثر اسڪول اندر داخل تي اسان ۽ معصوم شاگردن تي وحشياڻو تشدد ڪيو، انصاف فراهم ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*