پاڪستان سپر ليگ فور جو دنگل سڀاڻي ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي

پاڪستان سپر ليگ فور جو دنگل سڀاڻي ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، پهرين ميچ دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان ڪاميابي لاءِ پراميد نطر اچي رهيا آهن،ميچز لاءِ سڪيورٽي جا انتظام به فول پروف ڪيا ويا آهن، ڊي جي رينجرز نيشنل اسٽيڊيم پهچي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

پاڪستان سپر ليگ فور  سڀاڻي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

لاهور مان ٽن ميچز جي منتقل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ هن ڀيري 8 ميچز کيڏيون وينديون.

ايوينٽ جي پهرين ميچ سڀاڻي دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ ٿيندي.

پي ايس ايل ميچز ۾ شرڪت ڪندڙ پرڏيهي رانديگر به ڪراچي پهچي ويا آهن.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتام محمد سميع نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀرپور تياري ڪئي آهي پهريان به ڪم بيڪ ڪيو هو ۽ هن ڀيري به هو سوڀارا ٿيندا.

محمد سميع چيو ته پرڏيهي رانديگرن جي پاڪستان آمد سٺو سنوڻ آهي خواهش آهي ته هوم گرائونڊ تي سٺي راند پيش ڪيون.

لاهور قلندرز جي ڪپتان فخر زمان ۽ هيڊ ڪوچ عاقب جاويد به ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته سندن ڪوشش هوندي ته هن ڀيري سندن ٽيم ڪاميابي ماڻي.

پي ايس ايل ميچز دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، آءِ جي سنڌ موجب 13 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سڪيورٽي جا فرض نڀائيندا، جڏهن ته رينجرز اڄ کان ئي اسٽيڊيم جي سڪيورٽي جا انتظام سنڀالي ورتا آهن.

ڊي جي رينجرز سنڌ نيشنل اسٽيڊيم پهچي سڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو  ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*