لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ پهرين ميچ اڄ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي

 ڪراچي ۾ ڇڪن ۽ چوڪن جي برسات اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، پلي آف جي ٻي مرحلي ۾ شامل ٿيڻ جي ڊوڙ لاءِ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ پهرين ميچ اڄ کيڏي ويندي.

دبئي ۾ پي ايس ايل فور جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِاڄ کان ڪراچي ۾ دلچسپ مقابلن جي شروعات ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ ڪرڪيٽ جا شوقين بي چين آهن.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ميچ شام جو ستين وڳي شروع ٿيندي پر ميچ ڏسڻ لاءِ ايندڙ شوقينن کي 5 وڳي پهچڻو پوندو، جڏهن ته منجهند 12 هين وڳي اسٽيڊيم جا در کوليا ويندا ۽ شام جو پنجين وڳي بند ڪيا ويندا.

ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ انتظاميه پاران ڀرپور تياريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، جنهن تحت 13 هزار سڪيورٽي اهلڪار نيشنل اسٽيڊيم ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ذميواريون نڀائيندا.

نيشنل اسٽيڊيم ۾ اڄوڪي ميچ ڏسڻ لاءِ پارڪنگ پوائنٽس ٺاهيا ويا آهن، شوقينن کي پارڪنگ واري هنڌ تياڄڻو پوندو، جتان شٽل سروس جي ذريعي کين اسٽيڊيم ۾ پهچايو ويندو.

ان کان علاوه شوقينن کي ٽڪيٽ ۽ اصل سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ لازمي هوندو، جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين ۽ عورتن جي هيڊ بيگ کڻياڄڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر شوقين پاڻ سان گڏ موبائل کڻي وڃي سگهن ٿا.

واضح رهي ته پي ايس ايل فور جي پهرين پلي آف مرحلي لاءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته ٻن ٽيمن جي چونڊ ٿيڻ باقي آهي.

پلي آف جي ٻي مرحلي لاءِ ڪراچي ڪنگز، اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ مقابلو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*