راولپنڊي جي عدالت ايان علي کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس سمورا اثاثا منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي جي عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڊل گرل ايان علي کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس سمورا اثاثا منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪسٽم عدالت جي جج ارشد حسين ڀُٽا ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ماڊل جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ مهلت جي استدعا ڪئي.

عدالت ايان علي جي پيشي لاءِ مهلت واري استدعا رد ڪندي چيو ته گهڻو ٿي چڪو، هاڻي قانون جي حڪمراني هلندي.

ڪسٽم عدالت ايان علي کي اشتهاري قرار ڏئي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته ماڊل جا سمورا اثاثا منجمند ڪيا وڃن ۽ جتي به ملي کيس گرفتار ڪيو وڃي.

ڪسٽم عدالت ايان علي جـِي ٻن ضمانتين شوڪت ۽ انور جا پنج پنج لک رپين جا ضمانتي مچلڪا به ضبط ڪندي کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي ايان علي جا ريڊ وارنٽ جاري ڪيا  ويندا.

واضح رهي ته 14 مارچ 2015 تي ايان علي کي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن دوران وٽائنس 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ملڪيت جا امريڪي ڊالر هٿ آيا هئا، جنهن بعد عدالت ايان علي جي ضانت منظور ڪئي هئي پر ماڊل 3 سالن ۽ ٽن مهينن کان غير حاضر هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*