پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي پاڪستان ۾ ٿيل پهرين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي 49 رنز تان شڪست ڏئي پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي پاڪستان ۾ ٿيل پهرين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي 49 رنز تان شڪست ڏئي پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان فخر الزمان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت نه ٿيو.

اسلام آباد پاران ليونڪ رونڪي ۽ ڪيمرون ڊيلپورٽ اننگ جي شروعات ڪئي پر شاهين آفريدي پهرين ئي اوور ۾ ليونڪ روڪي کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.

ٽئين اوور ۾ ليمي چاني سالٽ کي به آئوٽ ڪيو، جنهن بعد ڪيمرون ڊيلپورٽ ۽ چيڊوڪ والٽن وچ ۾ 128 رنز جي شاندار پارٽنرشپ ٿي.

والٽن 48 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو پر ڊيلپورٽ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پي ايس ايل تاريخ جي تيز ترين سينچري ٺاهي. هن 49 بالن تي ڇهن ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي.

آصف علي به دونهادار بيٽنگ ڪندي 17 بالن تي ڇهن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ پي ايس ايل ۾ ڪامران اڪمل جي تيز ترين ففٽي وارو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.

ڪيمرون ڊيلپورٽ 117 رنز ۽ آصف علي 55 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ مقرر 20 اوورز ۾ اسلام آباد 238 رنز ٺاهيون، جيڪو پي ايس ايل جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم پاران سڀ کان وڏو ٽوٽل آهي.

لاهور قلندرز پاران سيريز ۾ شاندار بالنگ ڪندڙ شاهين آفريدي هِن ميچ ۾ مهانگو بالر ثابت ٿيو ۽ هن 4 اوورز ۾ 62 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، ان کان علاوه ليمي چاني 46، ڊيوڊ ويسي 44 ۽ حارث رئوف 40 رنز ڏنيون.

اسلام آباد پاران ڏنل 239 رنز جي پهاڙ جيڏي حدف جي تعاقب ۾ لاهور قلندرز جي سموري ٽيم 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنز ٺاهي سگهي.

لاهور قلندرز پاران فخر الزمان ۽ ڊيوسچ اننگ جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن پنهنجي ٽيم کي 51 رنز جي سٺي شروعات فراهم ڪئي پر ڊيوسچ 18 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.

فهيم اشرف خطرناڪ بيٽسمين فخر الزمان کي به 39 رنز تي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جنهن بعد لاهور جون وڪيٽون هڪٻئي پٺيان ڪرنديون رهيون پر سهيل اختر بالرز کي ڪٽڪو جاري رکيو.

سهيل اختر 34 بالن تي 75 رنز جي تيز رفتار اننگ کيڏي پر پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران فهيم اشرف شاندار بالنگ ڪندي 4 اوورز ۾ رڳو 19 رنز ڏئي ڇهن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جيڪو پي ايس ايل جي هڪ اننگ ۾ بيسٽ بالنگ فِگر  آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*