پاڪستان سپر ليگ جي پلي آف مرحلي ۾ پهچڻ جي خواهشمند ڪراچي ڪنگز جو مقابلو اڄ ايونٽ جي مضبوط ٽيم ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان ٿيندو

پاڪستان سپر ليگ جي پلي آف مرحلي ۾ پهچڻ جي خواهشمند ڪراچي ڪنگز جو مقابلو اڄ ايونٽ جي مضبوط ٽيم ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان ٿيندو.

گذريل سال پي ايس ايل ٿـِري جَي ايلمينيٽر رائونڊ ۾ اسلام آباد يونائيٽيد ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ٽائٽل جـِي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو پر هـِن ڀيري عماد وسيم اليون پنهنجي 8 پوائنٽس ۾ 2 پوائنٽس واڌ ڪري پـِلي آف مرحلي ۾ پهچڻ جـِي خواهشمند آهي.

ڪراچي ڪنگز کي پلي آف جـَي مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ ايونٽ جـَي مضبوط ٽيم ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي اڄوڪي ميچ ۾ هارائڻو پوندو.

ڪراچي ڪنگز  جيڪڏهن اڄوڪي ميچ کٽي ٿي ۽ بعد ۾ پشاور زلمي کي شڪست ڏئي ٿي ته پنهنجِي رن رَيٽ بهتر ڪري ٻي نمبر تي به اچي سگهي ٿي.

 عِماد وسيم جي اميدن جو مرڪز ڏکڻ آفريقي بيٽسمين ڪولـِن اِنگرام هوندو، جنهن هڪ سئو 27 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي اڪيلي سر ئي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کان ميچ کسي ورتي هئي.

ان کان علاوه ڪراچي وارن کي بابر اعظم جهڙي باصلاحيت بيٽسمينن جي خدمت به حاصل آهي، جڏهن ته ليام ليوِنگ اسٽون به سٺي فارم آهي، ان کان علاوه فاسٽ بالرز ۾ محمد عامر ، عثمان شوناري ۽ ايرون سمرز موجود آهن، جڏهن ته اسپين ۾ ليگ اسپنر عمر خان مضبوط هٿيار آهي، جنهن ايونٽ ۾ وڏن وڏن نالن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو آهي.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وٽ شين واٽسن جهڙو آل رائونڊر موجود آهي، ان کان علاوه رائـِلي روسو، عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد به بالرز کي پريشان ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

بالنگ اٽيڪ ۾  تجربيڪار سهيل تنوير ۽ اڀرندڙ اسپيڊ اسٽار محمد حسنين به موجود آهن، جڏهن ته گُگلي سان مخالفن کي پريشان ڪندڙ آسٽريلوي اسپنر فواد احمد ۽ ڪفايتي بولنگ لاءِ مشهور محمد نواز جون خدمتون به ٽيم کي حاصل آهن.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪوچ معين خان جو چوڻ آهي ته شين واٽسن جي پاڪستان آمد سان ٽيم جو توازن برقرار رهيو آهي پر ٻيا سمورا رانديگر به پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهن.

ڪراچي ڪنگز جي نائب ڪپتان ڪولِن انگرام جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف شارجه ۾ کيڏيل اننگ ورجائڻ جي ڪوشش ڪندس….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*